SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


دُنيا جي دل وارو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


دُنيا جي دل وارو نظريو

Heart land Theory

هارٽ لئنڊ ٿيوري

هيءُ نظريو ڪنهن به سامونڊي طاقت ۽ زميني طاقت جي وچ ۾ عالمي لاڳاپن (Global Relationship) بابت جاگرافيائي سياست واري نظريي جي حوالي سان جوڙيل اهو خاڪو آهي، جنهن بابت سڀ کان اول سرهئلفورڊ مئڪنڊر (1904ع) پنهنجا ويچار ڏنا. انهن ويچارن جون پاڙون پراڻي دور جي جنگي حڪمت عمليءَ جي نظرين منجهه کتل آهن، جڏهن وچ ايشيا وٽ گهوڙن ۽ جنگي سازسامان جي جهجهائي هُئڻ ڪري، اُن کي دُنيا جواهم طاقتي خطو (Pivot Area) سڏيو ويندو هو. بعد ۾ سامونڊي خطا دريافت ٿيڻ ڪري سامونڊي طاقت رکندڙ علائقن کي اهميت ملي، جن مان انگلينڊ اهم ترين ٿي اُڀريو. مئڪنڊر اڻويهين صديءَ ۾ ٻيهر ”زميني طاقت“ واري نظريي کي ورجائيندي چيو، ته جيڪا طاقت يُورو ايشيا جي علائقن مٿان ڪنٽرول رکندي، سا دُنيا تي به راڄ ڪندي. انهيءَ علائقي ۾ جرمنيءَ کان وٺي وچ سربيا تائين جو علائقو شامل آهي. سندس اهڙي نظريي جي وضاحت هيٺين سٽن ۾ بيان ٿيل آهي: ”جيڪو اوڀر تي راڄُ ڪري ٿو، سو دُنيا جي دل هٿ ڪري ٿو. دُنيا جي دل جي حاصلات عالمي جزيري تي حُڪومت ڪرائي ٿي ۽ عالمي جزيري مٿان اختيار، سڄي دُنيا مٿان بااختيار بڻائي ڇڏي ٿو.“ هتي وچ ايشيا کي ”دُنيا جي دل“ سڏيو ويو آهي، جڏهن ته عالمي جزيرو پوري ايشيا ۽ آفريقاکي قرار ڏنو ويو آهي. 1943ع ۾ مئڪنڊر پنهنجي راءِ ۾ ترميم آڻي، ٻيهر سامونڊي قوت کي اهم طاقتي اُهڃاڻ ڄاڻايو. جنهن ۾ ٻئي ڀونءِ وادي مُفڪر نڪولس اسپائيڪمن واڌارو ڪندي چيو ته دُنيا تي حُڪمراني هاڻي Inner Crescent وارو علائقو يعني ’رِم لئنڊ‘ ڪندو. ان ”رِم لئنڊ واري خاڪي“ ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ، آمريڪا جي فوجي پاليسين جي ترتيب جي ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. برلن، ڪوريا ۽ وچ اوڀر ۾ ٿيل تنازعا انهيءَ ’رم لئنڊ‘ واري خيال جي پُٺڀرائي ڪن ٿا، جنهن مُطابق ڪنهن به هڪ اهم جڳهه ٿيل تنازعو لازمي طور آسپاس جي علائقن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ وٺندو


Remember Me Also:

اپجائڻ

مصدر. [سن. اُپَجَنَ] پيدا ڪرڻ ، خلقڻ. ڄڻڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal